3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

1838 || 1839 || 1842 || 1843 || 1846 || 1850 || 1851 || 1852 || 1853 || 1854 || 1857 || 1858 || 1861 || 1872 || 1874 || 1879 || 1880 || 1881 || 1882 || 1883 || 1884 || 1885 ||  1886 || 1887 || 1888 || 1889 || 1891 || 1892 || 1894 ||1895 || 1896 || 1898  || 1899 || 1901 || 1902 || 1903 || 1904 || 1905 || 1906 || 1907 || 1908 || 1909 || 1910 || 1911 || 1912 || 1919 || 1920 || 1921 || 1922 || 1923 || 1924 || 1925 || 1926 || 1927 || 1928 || 1929 || 1930 || 1931 || 1932 || 1933 || 1934 || 1935 || 1936 || 1937 || 1938 || 1939 || 1940 || 1941 || 1942 || 1943 || 1944 || 1945 || 1946 || 1947 ||

3 مارچ 1947ع

سنڌ سرڪار سر راجر ٽامس مور جي سربراهيءَ ۾ هارين جي مسئلن تي غور ڪرڻ ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ محمد مسعود، نور الدين صديقي ۽ آغا شاهي کي ميمبر طور کنيوويو، اڳتي هلي آغا شاهيءَ جي جاءِ تي گوپيچند کي سيڪريٽري طور رکيوويو.

هن ڪيمٽي 298 صفحن تي پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي جنهن ۾ محمد مسعود 37 صفحن جو اختلافي نوٽ پڻ لکيو، هن رپورٽ ۾ اها راءِ قائم ڪئي وئي ته هارين جي حالتن بدلائڻ کان سوا3 کين دائمي حق ڏيڻ سان سندن زندگي جو معيار نه سڌرندو، خاص زمين جي ٽڪرن تي هارين کي ٽيننسي حق ڏيڻ مان هارين کي ئي نقصان ٿيندو.

4 مارچ 1947ع

سرهاريءَ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي اهتمام سان سالياني هاري ڪانفرنس ٿي، جيڪا ٻه ڏينهن هلي، هن ڪانفرنس ۾ ”بٽئي اڌواڌ“ تحريڪ جو شعور ڏنوويو۽ فيصلو ڪيو ويو ته هاري پنهنجي حصي جو اڌ وٺن ۽ ابوابن ڏيڻ کان انڪار ڪن.

4 اپريل 1947ع

جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ جي ڪوششن سان ”پاڪستان ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن کان سواءِ بلوچستان، پنجاب ۽ هندستان جي ٻين حصن کان وفدن شرڪت ڪئي.

شام جو مختلف صوبن کان آيل مسلم نيشنل گارڊز جي دستن جي مارچنگ ۽ ڊسيپلين جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڪوئيٽا مسلم نئشنل گارڊ پهريون انعام کٽيو، ان کان پوءِ جلسي جي ڪاروائي شروع ٿي، هن جلسي جي صدارت مسٽر يونس سابق وڏي وزير بهار ڪئي، مير جعفر خان  جمالي سنڌيءَ ۾ آجيان ڪئي، ان کان پوءِ اجلاس جي صدر پنهنجو لمبو خطبو پڙهيو. انهيءَ موقعي تي ڪوئيٽا جي قاضي عيسيٰ ۽ ٻين اڳواڻن به تقريرون ڪيون.

5 اپريل 1947ع

جيڪب آباد ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس“ جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن جي ڪاروائي هلي، ڪاروائي رات جو نائين وڳي هلي ۽ صبح جو چئين وڳي ختم ٿي، آخر ۾ پندرهن ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

هن ڪانفرس ۾ شرڪت ڪندڙن مان پير الاهي بخش، پيرزاده عبدالستار، خان بهادر کهڙو، قاضي محمد عيسيٰ (ڪوئيٽا)، محمد يونس (بهار)، عبدالستار نياري (پنجاب)، مولوي عبدالقدوس بهاري، مير قادر بخش (بلوچستان)، ميان ضياءَ الدين بار ايٽ لا، عبدالڪريم ايڊيٽر ”الاسلام“، فضل احمد (بلوچستان9، ملڪ محمد عثمان (ڪوئيٽا) ۽ مير جعفر خان جماليءَ جا نالا ذڪرلائق آهن.

5 اپريل 1947ع

نواب شاهه ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي صدارت هيٺ ”اٺين سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ٿي. هن ڪانفرنس جي مشاعري لاءِ طرح هئي:

”درد پنهنجي ديس جو دل ۾ جوانو ڌارجو“

هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديبن ۽ شاعرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي واسين مان حاجي محمود ”خادم“، ”عبد، عاقلي، عبدالله ”اثر“ محمد ڇتل ”فدا“، در محمد ”خاڪ“، نظام الدين ”نظام“، صوفي شاهه محمد، ميان غلام عباس ”جوش“ ۽ نواز علي ”نياز“ جا نالا ذڪر لائق آهن.

3 مئي 1947ع

غلام احمد ”نظامي“ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌي بزم ادب“ طرفان مشاعرو ٿيو، الله بخش ”سرشار“ عقيلي، محمد اسحاق، عبدالڪريم، عليمحمد ”خالدي“، جمن هالي ۽ جمعه خان پنهنجو پنهنجو ڪلام پڙهيو.

29 مئي 1947ع

.سنڌي سڌار سوسائٽي، لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. جنهن لاءِ طرح هئي:

”ڳجهو آهن جو طوفان آهه هاريءَ جي پسيني ۾“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

1 جون 1947ع

شهدادپور ۾ زميندارن ۽ هارين جي نمائندن جي، غلامصطفيٰ قاضي (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”بٽئي اڌواڌ“ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن جون خاص ڳالهيون هي آهن: مزدوريءَ جو سمورو ڪم هاري ڪندو، ڀاڻ جي قيمت زميندار ڀريندو، زميندار هاري کي بنا وياج قرض ڏيندو، ڪو به زميندار پنهنجي مرضيءَ سان هاريءَ کي بيدخل نه ڪندو، ٻن سالن جي هارپ هاري کي هارپ جو حق ڏيندي ۽ زميندار هاريءَ کان لاپو، رسائي، اوطاق خچر يا ڪمدار جو خرچ نه وٺندو.

16 جون 1947ع

ميرپورخاص ۾ ڪليڪٽر غلام حسين آغا جي صدارت ۾ هارين ۽ زميندارن جي نمائندن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سموري ضلعي جا مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر به شامل ٿيا، وڏي بحث مباحثي کان پوءِ زميندارن بٽئي اڌواڌ جو مطالبو تسليم ڪيو.

20 جون 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”نئين ترڪيب نڪتي امتحان جي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

22 جون 1947ع

سجاول جو ناميارو زميندار، پير، خلافتي، جميعتي ۽ مدرسه هاشميه سجاول جوباني سيد حاجي عبدالرحيم شاهه وفات ڪري ويو.

29 جون 1947ع

ضلعي لوڪلبورڊ ٿرپارڪر جو سابق صدر بمئي ليجسليٽو ڪائونسل جو سابق ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر خانبهادر حاجي غلام نبي شاهه ولد سيد موج علي شاهه وفات ڪري ويو.

20 جولاءِ 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”منهنجي هر خون جو قطرو به درخشان آهي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

21 جولاءِ 1947ع

ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ شاگرد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ ٺهراءُ ذريعي سنڌ ۾ هارين جي سجاڳيءَ ۽ تحريڪ کي سنڌ ۾ سياسي مستقبل لاءِ سٺو سُڀ چيو ويو.

24 جولاءِ 1947ع

ڪراچيءَ جي آڳاٽي سماجي تنظيم ”شرڪ ۽ سرسوت سماج“ جي سالياني گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هن ريت نئين سال جا عهديدار چونڊيا ويا:

اين ڊي رتنهور (صدر)، آسانند جوشي (نائب صدر)، هيرالال ڀاونجي (جنرل سيڪريٽري)، لڪشمي شنڪر (جوائنٽ سيڪريٽري)، لاوجي پانڌي (خزانچي) ۽ ڊاڪٽر شوداس، هيرا لال ڊي ستا، جڳجيون پرڌان مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر.

15 آگسٽ 1947ع

پاڪستان حاصل ڪرڻ تي سنڌ مسلم ليگ جي سمورين شاخن مسجدن ۾ جمعي جي نماز بعد شڪراني جون دعائون گهريون ۽ پاڪستان جي تحفظ خواهه ترقيءَ لاءِ ڌڻي در ٻاڏايو.

20 آگسٽ 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت عبدالفتاح ”عبد ڪئي، مشاعري طرح هئي:

”چوي ٿو ڀنئور کي بلبل ڪريون تقسيم گلشن کي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

24 آگسٽ 1947ع

شاعر، ليکڪ ۽ ديني عالم مولانا قمر الدين مهيسر وفات ڪئي، سندس ولادت ڌڱاڻي مهيسر ۾ ٿي ۽ وفات شهدادڪوٽ ۾ ٿي، هن مختلف ڳوٺن جي مدرسن ۾ ديني تعليم ڏني، مشهور شاعر محمد علي ”جوهر“ ۽ پروفيسر گل حسن ”گل“ ٻرڙو سندس شاگردن مان هئا.

20 سيپٽمبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان، عبدالفتاح ”عبد“ جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”قطرو دريا آههجي دريا سان شامل ٿي وڃي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

آڪٽوبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ سنڌ جي سهاري هيٺ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان رتيديري ۾ سيد وريل شاهه جي صدارت هيٺ مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”ڇا هئڻ قانون گهجي ملڪ پاڪستان جو“

هن مشاعري ۾ حافظ ضياءَ الحق، ”اسلم“، ”نظام“، ”اثر“، ”فدا“، ”زيب“، ”ناظم“، ”جمال“، ”عاشق“، ”قلندر“، عباسي، ”جوهر“، ”اياز“ قادري، الطاف، ”شوق“ ۽ ”قائد“ پنهنجا شعر پڙهيا..

20 آڪٽوبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”ڇا هئڻ قانون گهرجي ملڪ پاڪستان جو“

هن مشاعري جي صدارت آغا گل ڪئي، مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

24 آڪٽوبر 1947ع

سريچند ميلهومل ڪيسواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، پاڻ اڃا ابهم ٻار هئو جو کيس پنهنجي وڏن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هو اڄ ڪلهه احمد آباد ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ليکڪن، اداڪارن ۽ مصورن ۾ ٿئي ٿ و، هن ڪيتري شاعري به ڪئي آهي ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن.

20 نومبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”بلبل جو شور رهندو گلستان ۾ ڪيترو“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

20 ڊسمبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”اي چرخ ڪڏهن تو ڀي ڪا ڏٺي تخريب سوا تعمير ڪٿي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

 


© Fayaz Sindhi 2010